خانبهادر خير بخش خان لغاري

خانبهادر خير بخش خان لغاري: رئيس خير بخش خان لغاري 1880ع ڌاري ڄائو. هن جا وڏا اصل ۾ ديري غازي خان جا رهاڪو هئا ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ لاڙ واري علائقي ۾ ڳوٺ عبدالله خان لغاريءَ ۾ اچي آباد ٿيا. ميرن طرفان کين وڏيون جاگيرون ڏنيون ويون هيون. خير بخش خان لغاريءَ جو والد بعد ۾ ڇرٽياڻي ۾ آباد ٿيو.
خانبهادرالهه بخش لغاريءَ جي زراعت سان وڏي دلچسپي هئي. علائقي جي آبادگارن جي مسئلن حل ڪرائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيائين. وقت جي سرڪار کيس اسپيشل مئجسٽريٽ به مقرر ڪيو ۽ هن عادلانه انداز ۾ فيصلا ڪري پاڻ مڃايو. انگريز حڪومت کيس ’خانبهادر‘ جو لقب ڏنو. 1930ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس ڇريٽاڻيءَ جي مسجد ۾ دفن ڪيو ويو. بعد ۾ سندس جنازو ڪڍرائي کيس ڪربلا ۾ دفن ڪرايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو